اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات با??ت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومتي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان سان اڄ وفا??ي وزير اسد عمر جي قيادت ۾ حڪومتي وفد ملاقات ڪئي، عوام جي اميدن ۽ وزيراعظم جي ترجيحن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ايم ڪيو ايم وزيراعظم جي ويزن 2020ع جو حصو رهندي، وزيراعظم ڪراچي جي لاءِ 162 ارب جو پئڪيج ڏئي چڪو آهي، راڻا ثناءُ الله پنهنجي ڪيس کي سياسي رنگ ڏيڻ جي لاءِ پورو زور لڳائي رهيو آهي، خاص عدالت جو قيام ڪابين?? جي منظوري کانسواءِ نواز شريف ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف ڪيس ۾ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو، اليڪشن ڪميشن کي با??ختيار بڻائڻ جي لاءِ سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ حڪومتي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم سان وفا??ي وزير اسد عمر جي قيادت ۾ حڪومتي وفد تفصيلي ملاقات ڪئي.