اسل??م آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا جهڙي وبا جي خلاف ڊاڪٽر ۽ ميڊيڪل اس??اف اسان جو هر اول دستو آهي، ڊاڪٽر ۽ طبي عملي کي هر حال ۾ ۽ ترجيحي بنيادن تي انهن جي ضرورتن موجب حف??ظت?? سامان فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم تعميراتي شعبي جي بحالي جا ثمر هيٺئين طبقي خاص طور تي مزدو??ن تائين پهچائڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.