اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته واپڊا گذريل سال جي ڀ??ٽ ۾ 20 – 2019ع ۾ 20 سيڪڙو هائيڊل بجلي پيدا ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ هن چيو ته داسو، مهمند ۽ ديامير ڀاشا ڊيمن جي تعمير سان هائيڊل صلاحيت ۾ وڏي پئماني ??ي اضافو ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ??هانگي برآمد ڪيل ٿرمل ٻارڻ بدران مقامي قابل تجديد توانائي تي دارومدار ڪرڻ جي ضرورت آهي.