??سل??م آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ??هي ته 20 جون تي سڄي پاڪستان ۾ ڪورونا جا 2969 مريض آڪسيجن تي ۽ 546 وينٽي ليٽرز تي هئا، ڪالهه الحمدالله اهو انگ گهٽ ٿي آڪسيجن تي 1762 ۽ وينٽي ليٽرز تي 394 هئا، يعني 28 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. هن چيو ته ??مارٽ ??اڪ ڊائون ۽ ايس او پيز جي انتظامي ڪارروائي جو ۽ سڀ کان اهم عوام جي بهتر طرز عمل جي ڪاميابي نمايان آهي. هن چيو ته ??هم ڳالهه اها آهي ته ڪورونا جي وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪنداسين ته ??حت به محفوظ هوندي ۽ روزگار به هلندو رهندو، نه ته ??يڪو آمريڪا، برازيل ۽ ڀارت جهڙن ملڪن ۾ ٿي رهيو ????ي خدا نه ڪري اسان وٽ به ٿي سگهي ٿو.