اسلام آ??اد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڏکڻ پنجاب جي ضلعن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن اسلام آ??اد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، سيد فخر امام، مخدوم خسرو بختيار، مملڪتي وزيرن زرتاج گل، محمد شبير علي قريشي، قومي اسيمبلي ميمبر ملڪ عامر ڊوگر، ظهور حسين قريشي، مخدوم زين ??سين قريشي، محمد ابراهيم خان، رانا محمد قاسم نون، ميان محمد شفيق، طاهر اقبال، اورنگزيب خان کچي، مخدوم سميع الحسن گيلاني، سيد مبين ??حمد، چوڌري جاويد اقبال، عامر طلال گوپانگ، عبدالمجيد خان نيازي، نياز احمد جکڙ، خواجه شي??از محمود، محمد امجد فاروق خان کوسا، س??دا?? نصرالله خان دريشڪ، س??دا?? رياض محمود مزاري، ڪنول شوزب، ڊاڪٽر افضل ڍانڍلا، ثناءُ الله مستي خيل ۽ س??دا?? محمد خان لغاري شامل هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي لاءِ موجوده حڪومت پاران کنيل قدمن جو مقصد ڏکڻ پنجاب جي عوام کي نمائندگي ڏيڻ ۽ بااختيار بڻائڻ آهي ته جيئن انهن جا مسئلا انهن جي درن تي حل ٿي سگهن. ان ڏس ۾ وزيراعظم پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جيڪا پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات ڪندي ۽ انتظامي معاملن ۾ درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي.