ڪراچي – 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر ۽ چيف اسڪائوٽ پاڪستان ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو آهي ته اسڪائوٽ?? ٻارن کي روايتي مهارتون سيکارڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي کان به روشناس ڪرايو وڃي، اسڪولز جي ٻارن سان گڏ مدرسن جي ٻارن کي به شامل ڪريو، اسڪائوٽس ايندڙ سال جي لاءِ هدفن ۾ اسڪائوٽ جي تعداد ۾ وڌيڪ اضافي، اسڪائوٽنگ وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ادارن ۽ نيون مهارتون سيکارڻ به شامل ڪريو، ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نظام تي ڌيان ڏنو پيو و??ي ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسڪائوٽس ايسوسيئيشن کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن کي حل ڪرڻ ۾ هر ممڪن مدد ۽ تعاون ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي صوبائي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي 75 هين قومي ڪائونسل جي اجلاس جي دوران ڳا??هائيندي ۽ ان کانپوءِ خطاب ڪندي ڪيو.