اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته برطانوي حڪومت کي سفارتي ذريعي آگاهه ڪيو آهي ته جوابدار نواز شريف عدالتن کي گهربل آهي، ميزبان ملڪ ان کي پاڪستا?? جي حوالي ڪري، ماضي ۾ انهن سياسدانن آخري ٺڪاڻي جي ڪري برطانيا، آمريڪا سميت ٻين ملڪن سان ڏوهاري?? جي مٽاسٽا جا معاهدا نه ڪيا، ڪراچي واقعي تي آرمي چيف ۽ سنڌ حڪومت جي انڪوائري رپورٽ تي سامهون ايندڙ سفارشن تي سنڌ حڪومت جي ذميداري هوندي ته هو ان تي عملدرآمد ڪرائي، بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز وراثتي سياست جي پيداوار آهن، احتساب جو عمل ڪنه?? به صورت ۾ بند نه ٿيندو، تمام جلد سمورا ڪرپشن ۾ ملوث جيلن ۾ هوندا، اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪراچي واقعي ۾ سنڌ حڪومت جو پنهنجو ئي ڪردار هجي صرف ڪرپشن کان بچڻ لاءِ ادارن سان جنگ جو ماحول بڻايو پيو وڃي، حقيقي مخالف ڌر جو وجود ئي نه آهي، پراڊڪشن آرڊر، قيادت جي ڪرپشن کي لڪائيندڙ حقيقت ۾ مفاد پرستن جو ٽولو آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته معيشت مسلسل بهتري طرف وڃي رهي آهي، اسا?? جي ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي، ملڪ ۾ ڪاروباري صورتحال معمول تي اچ?? رهي آهي، روزاني ٻاهرين ملڪن کان مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.