سرينگر – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ ره??دڙ ڪشميرين پاران ڪالهه 27 آڪٽوبر کي ڀارت پاران پنهنجي ملڪ تي 73 سالن کان جاري غيرقانوني قبضي کي رد ڪرڻ جي لاءِ ڪاري ڏينهن طور ملهايو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پوري والاريل علائقي ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي. سموريون سرڪاري ۽ نجي آفيس??ن، دڪان ۽ واپاري مرڪز ب??د رهيا جڏ??ن ته رستن تي ٽريفڪ جي گهٽ اچ وڃ رهي. نوهٽه ۽ سرينگر جي ٻين علائقن ۾ پاڪستان جي نقشي وارا پوسٽر جن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير کي پاڪستان جو حصو ڏيکاريو ويو هو ۽ پاڪستاني جهنڊا ڦڙڪايا ويا ۽ آزادي جي حق ۾ نعرا هنيا ويا.