اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم واري وزارت، منشيات جي خاتمي واري فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اد??رن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زورڏيندي چيو آهي ته هائي?? ا??جوڪيشن ڪميشن تعليمي اد??رن ۾ خصوصي شاگردن جي ڀلائي ۽ سهولت لاءِ قدم کڻي، خصوصي شاگردن کي ٽيوشن فيس ۾ ڇوٽ، ت??ليمي اد??رن ۾ آمدرفت جي خصوصي سهولت ۽ عمر جي حد ۾ نرمي ڪئي وڃي. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي شاگردن جي ڀلائي واري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، منشيات جي خاتمي وارو وزير محمد اعظم خان سواتي، انساني حقن واري وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ايڇ اي سي جو چيئرمين ۽ مختلف وزارتن جي اعليٰ عملد??رن شرڪت ڪئي.