اسلام آباد – 23 ن??مبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ عام ماڻهن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪن??ي چيو آهي ته پاڪستان ڪورونا جي پهرين مرحلي ۾ قابل تقليد حڪمت عملي ۽ وقت سر فيصلن سان و??ا تي ضابطو آندو جنهن کي دنيا ساراهي رهي آهي، هاڻي اسان کي ٻئي مرحلي ۾ به سنجيدگي، توازن ۽ احتياط جو دامن هرگز نه ڇڏڻ گهرجي. هو ملڪي سطح تي ڪورونا جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.