جده – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 90 لک ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، پاڪستانين کي جل?? نئين پاڪستان جي خوشخبري ڏيان ٿو، مافيا کان ملڪ کي آزاد ڪرا??ڻ جي جنگ ۾ اسان ڪامياب ٿينداسين، قانون جي بالادستي رکندڙ معاشرو ئي ترقي ڪ??دو آهي، سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو، پاڪستان جي خوشحالي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جو تمام گهڻو مثبت ڪردار ڏسي رهيو آهيان، پاڪستاني معيشت جي بهتري تي الله جا شڪرگزار آهيون. روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ۾ هر سال 9 ارب رپين جو خسارو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي عطين سان پورو ٿئي ٿو، ان مان 40 سيڪڙو حصو سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جو آهي.