اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ته راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ سان ملڪ ۾ معاشي سرگرميون وڌنديون، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ شهرين کي عالمي معيار جون رهائشي سهولتون ميسر ا??نديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي راوي سٽي تحت سيفائر- بي منصوبي تي اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2000 هزار ا??ڪڙ تي ٻڌل ان منصوبي مان حڪومت کي وصول ٿيندڙ روينيو ۽ آمدني جو ڪاٿو 25 ارب روپيا لڳايو ويو آهي، ان کانسواءِ منصوبو مجموعي طور تي 150 ارب روپين جي معاشي سرگرمين کي جنم ڏيندو. راوي سٽي جا وڌيڪ 2 ذيلي منصوبا جن ۾ زون 457 ۽ ايل پي – جزيرو شامل آهن، جلد سيڙپڪاري لاءِ ميسر هوندا. جنهن سان حڪومت کي ملندڙ روينيو ۽ آمدني جو ڪاٿو مجموعي طور تي 130 ارب روپيا لڳايو ويو آهي ۽ اهو گڏجي 750 کان 900 ارب روپين جي معاشي سرگرمين جو حصو بڻجندو اهڙي طرح سان راوي سٽي تي 15 هزار ا??ڪڙ تي شروع ٿيندڙ ڪم جي نتيجي ۾ هلندڙ سال ڊسمبر تائين مجموعي طور تي هزار ارب روپين جون معاشي سرگرميون ٿينديون جيڪي ملڪ ۾ روزگار جا بي شمار موقعا فراهم ڪنديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازو ئي ملڪ جي سڀني وڏين يونيورسٽين کان ان جي راوي سٽي ۾ ڪيمپس کولڻ جي سلسلي ۾ رابطا ڪيا ويا ??نهن جا مثبت جواب اچڻ شروع ٿي ويا ??هن، ان کانسواءِ سوئيس ڪمپني ليونگ – اسٽون گرين – ٽيڪ سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جيڪي زون ٿري ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي سان عالمي معيار ج?? فارم ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا. اهي قدم وڌندڙ ملڪي غذائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي کنيا ويا ??هن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي منصوبي ۾ نوجوانن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ينگ ليڊرشپ پروگرام جاري ڪيو ويو جنهن سان هن وقت تائين 25 هزار درخو??ست??ن ملي چڪيون آهن، هلندڙ سال جون کان نوجوانن جي پهرين کيپ باقاعده ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيندي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ان جي پهرين سب – فيز ۾ زمين جي نشاندهي ??ئي وئي آهي، جنهن ۾ مقامي ۽ ٻاهريان سيڙپڪار گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا ??هن، ان کانسواءِ ريلوي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ اٿارٽي گڏجي ريلوي جي زمين تي تعميراتي منصوبي کي جاري ڪندو، جنهن سان ريلوي جي غير استعمال ٿيل زمين کي استعمال ۾ آندو ويندو.