هري پور – 27 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان پنج جون تي عالمي ماحوليات جي ڏهاڙي جي ميزباني ڪندو، پاڪستان ان 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي اثرن جو وڌيڪ شڪار آهن، 10 ب??ين ٽري سونامي، قومي پارڪ جي قي??م جي منصوبن سميت ٻيا قدم ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهن، نئين نسل کي ماحولياتي تبديلين کان پا?? پاڪستان ڏينداسين. هو وز??راعظم هري پور ضلعي ۾ 10 ب??ين سونامي پروگر??م جي مناسبت سان ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وز??راعظم عمران خان ٻوٽو به لڳايو، موسمياتي تبديلين وارو خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم وز??راعظم کي 10 ب??ين ٽري سونامي پروگر??م جي ڪاميابين جي حوالي سان بريف ڪيو، وز??راعظم ان موقعي تي گڏيل قومن جي ماحوليات پروگر??م جي ”نيچر ڪيپيٽل آف پاڪستان“ رپورٽ تي به بريفنگ ورتي. وز??راعظم خطاب ڪندي چيو ته ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريبن جي ميزباني پاڪستان جو اعزاز آهي. پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي ماحولياتي تبديلين ۽ عالمي حدت کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي، اهي قدم ڏيکاءُ نه پر ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان لاءِ آهي، هن چيو ته پاڪستان انهن ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلين جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهن، پاڻي جي دريائن جو دارومدار گليشيئرز تي آهي ۽ عالمي حدت جي سبب سان جنهن تيزي سان اهي پگهرجي رهيا آهن ان سان پاڻي جي صورتحال ۾ تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اها صورتحال ڀارت سان به آهي، ان جي پاڻي جو دارومدار به گليشيئرز تي آهي، هن چيو ته ان سلسلي ۾ اسان ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏي وڃون.