اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف وٽ بجيٽ جي خلاف ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، وزيراعظم عمران خان جي سياسي ۽ معاشي حڪمت عملي کيس ڪلين بورڊ ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ??ه مخالف ڌر اڳواڻ حڪومت جي معاشي پاليسي تي ڪهڙي منهن سان تنقيد ڪندا، جڏهن ته ??نه?? کي خبر آهي ته ??نه?? جي پنهنجي پارٽي جي اڳوڻي ناڻي وار?? وزير جي ڪمپني رڪارڊ منافعو ڪمايو.