اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ذخيره اندوزي ۽ نا??ائ?? منافعي خ??ري ۾ ملوث عنصرن جي خ??اف قانوني ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن ملڪ ۾ ڀاڻ جي موجوده ذخيرن ۽ قيمتن جي حوالي سان ??ائ??ه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين کانسواءِ سينيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته وزيراعظم جي گذريل هفتي ذخيره اندوزي جي خ??اف قدمن جي هدايتن کانپوءِ ڀاڻ جي في ٻوري جي وڪري جي قيمت ۾ سراسري 400 رپين جي گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ڀاڻ جي سپلائي کي مانيٽر ڪرڻ جي لاءِ آن لائين پورٽل ٺاهيو ويو آهي جنهن سان صوبا ۽ سموري ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي چرپر ۽ اسٽاڪ کي مانيٽر ڪري سگهن ٿا. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته 13 نومبر کان هيستائين ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا و??ا آهن. ان ۾ 347 ايف آءِ آر، 244 گرفتاريون، 21111 انسپيڪشنز، 480 گودام سيل ۽ 2.79 ڪروڙ جا ڏنڊ هنيا و??ا آهن. ان کانسواءِ هر ضلعي ۾ ڪنٽرول روم ٺاهيا و??ا آهن جتي ڀاڻ جي گهٽتائي، ذخيره اندوزي ۽ منافعي بابت شڪايتون داخل ڪرائي سگهجن ٿيون. صوبن جي وچ ۾ سرحدن تي اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن. ذخيره اندوزي ۽ منافعي خ??ري جي خ??اف لاڳاپيل قانونن ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن جنهن ۾ اطلاع فراهم ڪندڙن کي ضبط ٿيل مال جي حساب سان انعام ڏنو ويندو. وزيراعظم ذخيره اندوزي ۽ نا??ائ?? منافعي خ??ري ۾ ملوث عنصرن جي خ??اف قانوني ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.