اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماضي ۾ نوجوانن جا سياسي رشوت جا پروگرام شروع ڪ??ا ويا، نواز شريف ۽ شهباز شريف ذاتي تشهير ڪندا هئا، عثمان ڊار جا ٿورائتا آهيون جو هن نوجوانن کي سياسي رشوت جي پروگرامز مان ڪڍيو، 40 ارب رپين ??ا قرض نوجوانن جي لاءِ منظور ڪ??ا ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چي?? ته ماضي ۾ (ن) ليگ نوجوانن جي نالي تي جيڪي پروگرامز شروع ڪيا اهي رڳو پنهنجي ذات جي لاءِ هئا، انهن ته پرائيم منسٽر لون پروگرام جو سربراهه به مريم نواز کي بڻايو هو. مملڪتي وزير چي?? ته (ن) ليگ ان پروگرام تحت رڳو 26 ارب رپ??ا ورهايا، اسان رڳو ڪامياب جوان پروگرام جو هدف 50 ارب رپين ??ائين وڌائينداسين. مملڪتي وزير چي?? ته ماضي ۾ نوجوانن جي لاءِ سياسي رشوت جا جيڪي پروگرام شروع ڪ??ا ويا انهن سان نوجوانن جو ڪو فائدو نه ٿيو. رڳو نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ذاتي تشهير ٿي. هن چي?? ته آئون عثمان ڊار جو ٿورائتو آهيان جو هن نوجوانن کي سياسي رشوت جي پروگرامن مان ڪڍيو، ڪامياب جوان پروگرام ۾ شفاف نظام متع??رف ڪرايو. وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ هڪ ٺوس پروگرام کڻي آياسين ??نهن جا ثمر حاصل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چي?? ته بئنڪن کي نوجوانن کي قرض فراهم ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪيو. فرخ حبيب چي?? ته گذريل دورن ۾ شروع ڪيل پروگرامن سان ملڪي معيشت ڪمزور ٿي، نوجوانن جو تمام وڏو حصو نوڪرين ??ي ڳولا ۾ رهيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چي?? ته 40 ارب رپين ??ا قرض نوجوانن جي لاءِ منظور ڪ??ا ويا آهن، 30 ارب رپين ??ي منظور ڪيل قرضن مان 22 هزار نوان ڪاروبار شروع ڪ??ا ويا آهن. مملڪتي وزير چي?? ته ڪامياب جوان پروگرام ۾ اسٽارٽ اپس کي پروموٽ ڪيو ويو آهي، جن وٽ وسيلن جي کوٽ هئي هاڻي اهي ان پروگرام مان فائدو کڻي پنهنجي ۽ ٻين ??ي روزگار جو وسيلو بڻجي رهيا آهن. هن چي?? ته پروگرام تحت پهرين مرحلي ۾ 10 لک رپين ??ائين قرض بنا گارنٽي جي حاصل ڪري سگهجي ٿو. فرخ حبيب چي?? ته 30 ارب رپين مان 12 ارب رپيا اسٽارٽ اپس ۾ فراهم ڪ??ا ويا، ڪامياب جوان پروگرام ۾ عورتن به وڌي چڙهي حصو ورتو. مملڪتي وزير چي?? ته وزيراعظم عمران خان شفافيت تي يقين ??کي ٿو. هن چي?? ته 3 هزار ڪاروبار سنڌ ۾ به شروع ڪ??ا ويا ۽ ڪامياب جوان پروگرام ۾ قرض سياسي بنيادن تي نه پر ميرٽ ۽ شفافيت کي نظر ۾ رکي ڏنا ويا آهن. هن چي?? ته 30 ارب رپيا ڪامياب جوان پروگرام تحت ورها??ا ويا آهن ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت 50 هزار نوڪريون ڏنيون ويون آهن. فرخ حبيب چي?? ته ”هنر سڀني جي لاءِ“ پروگرام جي لاءِ 10 ارب رپيا رک??ا ويا آهن جنهن مان 25 هزار نوجوان فائدو کڻي چڪا آهن. هن چي?? ته پاڪستان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽس جو ٽارگيٽ هلندڙ سال 3 ارب ڊالر آهي. نوجوانن کي مختلف سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ايڇ اي سي سان گڏجي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام پڻ شروع ڪيو آهي. فرخ حبيب چي?? ته پوري ملڪ ۾ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام اڃا به جاري آهي.