اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته سنڌ ۾ انڌير نگري چرٻٽ راجا آهي، فرخ ح??يب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته هڪ صحافي غلام مرتضيٰ شر پيشيوراڻي خدمتن دوران پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺو، مملڪتي وزير چيو ته بلاول ٻڌائي ته اجئه لالواڻي ۽ عزيز ميمڻ جي قاتلن کي اڃان تائين ڪٽهڙي ۾ ڇو نه آندو ويو، انهي ڪري اهو سلسلو نه رڪجي ??گه??و، هن چيو ته سنڌ حڪومت ص??افين جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.