گانسو – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاشي تعاون ۽ واپار ۾ اضافي سان ثقافت، اطلاعات ۽ ادب جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، پاڪستان قد??م شاهراهه ريشم ذريعي تاريخي دوستا??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي جمهوريه چين جو ٿورائتو آهي، فلمن ۽ ڊرامن جي مٽاسٽا سان چين?? ۽ ??اڪستاني معاشرو هڪ ٻئي جي ثقافت، روايتن، قدرن ۽ رهڻي ڪهڻي بابت گڏيل آگاهي ڏيڻ سان وڌيڪ ويجهو ايندو. هن اها ڳالهه چين جي صوبي گانسو ج?? شهر ڊن هوانگ ۾ چين جي اسٽيٽ ايڊمنسٽريشن آف پريس پبليڪيشن ريڊيو، فلم اينڊ ٽيليويزن جي وزير ٽونگ گينگ سان ملاقات دوران چئي.