اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازه ترين انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڇنڇر ڏينهن اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جي 319 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جا 22 هزار 434 ٽيسٽ ڪيا ??يا جنهن مان سنڌ ۾ 5 هزار 247، پنجا?? ۾ 9 هزار 603،خيبرپختونخوا ۾ هڪ هزار 556، اسلام آباد ۾ 3 هزار 04?? بلوچستان ۾ 473، گلگت بلتستان ۾ 276، آزاد ڪشمير ۾ 275 ٽ??سٽ ڪيا ??يا، هي??تائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 80 هزار 340 ٿي چڪو آهي. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جي لاءِ مختص هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 112 مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 8 هزار 748 آهي، هي??تائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 95 هزار 372 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 290، بلوچستان ۾ 12 هزار 804، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 832، اسلام آباد ۾ 15 هزار 579، خيبرپختونخوا ۾ 35 هزار 971، پنجا?? ۾ 96 هزار 699 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 29 هزار 179 مريض آهن.