اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ميئر پشاور جي چونڊن ۾ رد ڪيل 23113 وو??ن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ??نهن چونڊن مان ??هو واضح ٿي ويو آهي ته ??بديلي جا مخالف اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڇو ٿا ڪن، چونڊ نتيجن موجب جي يو آءِ (ف) جو اميدوار 12087 وو??ن جي فرق سان پي ٽي آءِ جي اميدوار کان کٽيو پر انهن چونڊن ۾ رد ٿيل وو??ن جو انگ 23113 آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ??يبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي نتيجن هڪ ڀيرو ٻيهر ڊبل اسٽيمپنگ ۽ ٻين سببن جي ڪري رد وو??ن جي مسئلي جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن تي جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ پڻ اها ئي ڳالهه سامهون آئي هئي. وزيراعظم چيو ته ??بديلي جا مخالف انهي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪن ٿا ڇو ته ??هي مخالف ووٽن کي رد ڪرائي چونڊن ۾ هيراڦيري ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم ٽوئيٽ ۾ ميئر پشاور جي اليڪشن جا چونڊ نتيجا پڻ شيئر ڪيا آهن جنهن موجب جي يو آءِ (ف) جي اميدوار انهن چونڊن ۾ 63610 جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اميدوار 51523 ووٽ حاصل ڪيا، اهڙي طرح جي يو آءِ (ف) جو اميدوار 12087 وو??ن جي فرق سان کٽيو پر انهن چونڊن ۾ رد ٿيل وو??ن جو انگ 23113 آهي.