اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سک مذهب جي مذهبي پيشوا بابا گرو نان?? جي 550 هين جنم ڏهاڙي کان اڳ رڪاڊ مدي ۾ ڪرتارپور لنگهه جي تعمير تي حڪومت کي مب??رڪباد ڏيندي چيو آهي ته سک ياترين جي آجيان لاءِ ڪرتارپور پوري طرح تيار آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ٿيندڙ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو سک مذهب جي پيشوا بابا گرو نان?? جي 550 هين جنم ڏهاڙي جي تقريبن جي لاءِ رڪارڊ مدي ۾ ڪرتارپور لنگهه تيار ڪرڻ تي پنهنجي حڪومت کي دلي مب??رڪباد پيش ڪري ٿو.