اسلام آب??د ?? 05 فيبروري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي طور ملهائڻ اسان پاران پنهنجي انهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل حمايت جو ورجاءُ آهي جن کي 6 مهينن کان غ??رانساني حراست ۽ مواصلاتي ناڪابندي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اهڙيون ڊگهيون پابنديون ??ن جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، انهن نام نهاد ڀارتي جمهوريت جي فساني ۽ ان پاران بنيادي انساني قدرن جي بي لحاظي کي بي نق??ب ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ قابض فوج هٿان 80 لک ڪشميرين کي انهن جي پ??هنجي سرزمين تي قيد ڪري رکيو آهي، اهڙي بنيادي حقن جي پائمالي جا تاريخ ۾ گهٽ ئي مثال ملن ٿا، عالمي برادري ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن ۽ انهن جي آزادي جو تحفظ يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي جارحاڻي ۽ جنجگو قدمن سان امن کي لاحق خطرن جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پ??هنجي پ??غام ۾ ڪيو.