اسلام ??باد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بي سهارا، غريب ۽ لاچار ماڻهو رياست جي ذميواري آهن قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ پناهگاهون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس پروگرام ??وڙيو وڃي. وزيراعظم عمران خان سان تازو ئي مقرر ڪيل وزيراعظم جي پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي ويزن تحت سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيل پناهگاهن جي نظم ۽ ضبط ۾ وڌيڪ بهتري ۽ ايندڙ 12 مهينن ۾ پناهگاهن جي د??ئر?? جي سڄي ملڪ ۾ توسيع جي حوالي سان تجويز ڪيل قد??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.