اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته عالمي ادارن ڪورونا وبا جي باوجود پاڪستان جي معاشي انتظام جو اعتراف ڪي?? آهي، لاهور ۾ نئين شهر جي تعمير جي منصوبي سان سيڙپڪاري جي راهه هموار ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته ملڪ تي جان ڏيندڙ عظيم فرزند ميجر طفيل شهيد نشان حيدر جي ورسيءَ تي قوم کيس زبردست خراج عقيدت پيش ??ري ٿي. پاڪ فوج جي جوانن جرئت ۽ بهادري جا روشن مثال قائم ڪيا. پوري قوم قابل فخر شهيدن کي سلام پيش ??ري ٿي. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته راوي ريور منصوبو نئين پاڪستان ۾ نئين لاهور جو بنياد آهي جنهن سان سيڙپڪاري جي راهه هموار ۽ عوام کي روزگار جا وسيع موقعا ملندا. وڻڪاري، ڍنڍ ۽ پاڻي صاف ڪرڻ جي پلانٽس جا منصوبا لاهور کي خوبصورت ۽ ماحول دوست ب??ائيندا. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عالمي ادارن ڪوورنا وبا جي باوجود اسان جي معاشي انتظام جو اعتراف ڪي?? آهي جيڪا شاندار ڪاميابي آهي. موڊيز پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ سان آئوٽ لڪ مثبت قرار ڏني آهي.