اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و آهي ته ايف اي ٽي ايف جي قانوني مسودي جي مخالفت، قومي مفاد تي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيڻ آهي، مخالف ڌر احتساب کان بچڻ لاءِ مايوسي ۽ افرات??ري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آه??، ناڪامي انهن جو مقدر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته مخالف ڌر جو ايف اي ٽي ايف جي قانوني مسودي جي مخالفت، قومي مفاد تي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيڻ آهي، ??يس ”انساني حقن“ جو نه ”ڏوهاري حقن“ جو تحفظ عزيز آه??، ناڪامي سندن مقدر آهي.