اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت، پارليامينٽ ۽ عوام افغانستان سان ٻطرفن ڀائراڻن لاڳ??پن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ مستحڪم لاڳاپا خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازم?? آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغان دول??سي جرڳي جي اسپيڪر مير رحمان رحماني جي قيادت ۾ پاڪستان جو دورو ڪندڙ 17 رڪني افغان پارلياماني وفد جي مان ۾ ڏنل آجياڻي دوران خطاب ڪندي ڪيو.