اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انصاف، پارليامينٽ ۽ ايگزيڪيٽو کانپوءِ احتساب رياست جو اهم مقصد بڻجي چڪو آهي، احتساب طاقتور ۽ وڏي ماڻهو کان شر??ع ٿيڻ گهرجي، نئين تاريخ بڻجي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ احتساب غير سياسي بنيادن تي اڳتي وڌي رهيو آهي، نيب قانون موجب جنهن تي الزام لڳندو آهي اهو ثاب?? ڪندو آهي ته منهنجي دولت جائز آهي يا نيب جو الزام درست آهي، قومي احتساب بيورو اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن تي رد عمل ڏيڻ ڇڏي ڏي، هر شيءَ کي خبر بڻائڻ اخبار جو ڪلچر بڻجي چڪو آهي، د??يا ۾ احتساب جمهوري حڪومتن جي قيام کانپوءِ آيو پر سڀ کان پهرين مس??مانن لاءِ احتساب جو نظام حضور صه جي دور ۾ شر??ع ٿيو، مديني جي رياست هر مس??مان جو خواب آهي. هو بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.