اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ دوران عوام کي سستي ۽ معياري ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ 19 شين تي سبسڊي لاءِ اڍائي ارب روپين جي رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آه??، شين جي گهرج ۽ ضرورتن تي ا??و پيڪيج 7 ارب تائين وڌائي سگهبو، عيدالفط?? کانپوءِ به 5 ضروري شين تي سبسڊي جو عمل جاري رهندو، 4 هزا?? کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽورن تي ا??ي، گيهه، کنڊ، چانهه، دالين ۽ چانور?? سميت 19 شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آه??، يوٽيلٽي اسٽورز تي شين جي دستيابي جي مانيٽرنگ لاءِ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ ۽ ٽاسڪ فورس ٺاهي ويندي، رضاڪار فورس راشن پهچائڻ ۽ ڪيش منتقلي ۾ سهولتڪاري لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهي آه??، وزيراعظم معاشي رليف پيڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي 10 ارب جاري ڪري ڇڏيا آه??. اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ موبائيل اسٽور شروع ڪري رهيا آه??ون، ٻهراڙين ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي وڌيڪ 500 يوٽيلٽي اسٽورز کوليا ويندا، يوٽيلٽي اسٽورز وزيراعظم جي ويزن جي تڪميل ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندا، وزيراعظم جي پاليسي جو محور مرڪز عوامي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ آه??، اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ خميس ڏينهن يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان گڏ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.