اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪا به حڪومت اڪيلي سر ڪورونا جهڙي وڏي چئلينج جو مق??بلو نه ٿي ڪري سگهي، سرندي وارن جي ??طين ۽ فلاحي تنظيمن جي ڀرپور معاونت سان حڪومت سڄي ملڪ جي ??مورن طبقن تائين پهچڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ غربت جي ??اتمي ۽ سماجي ??حفظ و??ري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان پڻ موجود هئا. وفد ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال ۾ وفاقي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم عمران خان پاران ڪمزور طبقي کي رليف ڏ??ڻ جي ڪوششن کي ساراهيو، و??د موجوده صورتحال جي ڏس ۾ تعميرات ۽ ٻين مختلف صنعتي سرگرمين جي ??جازت ڏيڻ جي ??ڪومتي فيصلي کي ساراهيندي چيو ته ان سان ڪاروباري طبقي جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي.