اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ تعليم جي ??رو?? جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته تعليم موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تجويز ڪيل ايجوڪيشن پاليسي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏوگڏ سمورين صوبائي حڪومتن ۽ ڌرين جي مشاورت سان جديد دور جي گهرجن موجب تعليم جي ??رو?? جي حوالي سان ٺوس روڊ ميپ جوڙيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ تعليم جي ??رو??، تعليمي نظام ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ هنرمندي جي تعليم جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، تعليم واري سيڪريٽري ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، پرڏيهي سيڪريٽري، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري، اين آءِ ٽي بي جي چيئرمين، نيوٽيڪ جي چيئرمين ۽ ??جي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود اجلاس کي تعليم واري وزارت پاران تعليمي نظام ۾ سڌارن، ڪوورنا وبا دوران فاصلاتي تعليم جي حوالي سان قدمن، ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ڏس ۾ پائليٽ پراجيڪٽس شروع ڪرڻ، سڄي ملڪ ۾ اسڪلز فار آل منصوبن جي شروعات، ڊيجيٽل لٽريسي ۽ ناليج اڪانومي جي ??رو?? جي حوالي سان مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي آگاهه ڪيو.