اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ جي جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار تي ??طمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ کي هر قيمت تي مڪمل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي چين – پاڪستان اقتصادي ??اه??اري سي پيڪ تي ??ڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود?? قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين عاطف بخاري، سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه ۽ اعليٰ سطح ??ي آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي سي پيڪ تحت مختلف شعبن ۾ جاري منصوبن تي ??ڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت نه رڳو اڳوڻي حڪومت طرفان شروع ڪيل منصوبن جي تڪميل ڪئي پر رڳو اڍائي سالن جي اندر ڪيترن ئي اهم منصوبن کي به مڪمل ڪيو. اجلاس ۾ انفرااسٽرڪچر جي ترقي جي منصوبن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ان کان هٽي ڪري ته ڪوب?? منصوبو ڪنهن شروع ڪيو، وڌيڪ منصوبا موجوده حڪومت مڪمل ڪيا.