اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته چونڊ سڌارن تي سڀئي پارٽيون گڏجي ويهن ۽ متفقه فيصلو ڪن، پولنگ ٿيڻ کانپوءِ نتيجا صبح تائين ناهن ايندا، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي کان ٻاهر اچڻ کان ئي تيار نه آه??، مشينن جي تياري لاءِ اليڪشن ڪميشن تي بجيٽ جو اضافي بار نه پوندو، اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين سان اليڪٽرانڪ رڪارڊ سان گڏوگڏ پيپر رڪارڊ به هوندو، هر پولنگ اسٽيشن ۾ اهي مشينون موجود ??ونديون جيڪي انٽرنيٽ کانسواءِ ڪم ڪنديون. اهي مشينون استعمال ۾ ڪرڻ ۾ آسان آه??، وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ڪنهن کي ڪو شڪ نه آه??، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، ايندڙ پنج سال به عمران خان وزيراعظم هوندو. هو پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سان گڏ اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين جي باري ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽر فيصل جاويد ۽ ٻيا ماهر به موجود ??ئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان اهم مسئلو نتيجن جو وقت سر نه اچڻ آه??، هن چيو ته پاڪستان ۾ اليڪشن جي نتيجن کي تسليم ڪرڻ جا مسئلا رهندا آه??، ان جو حل اهو آه?? ته چونڊ سڌارن تي سڀئي پارٽيون گڏجي متفقه فيصلو ڪن، پر ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي کان ٻاهر اچڻ لاءِ تيار ئي نه آه??، هن چيو ته ڊسڪه ۽ ڪراچي اليڪشن ۾ اهي شڪايتون رهيون ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ ڏينهن تائين نتيجا سامهون نه آيا، هن ٻڌايو ته پاڪستان جي انجنيئرز، سائنسدانن ۽ يونيورسٽين ۾ موجود ??اهرن اليڪٽرانڪ وو??نگ مشينن جي تياري ۾ مدد ڪئي، جڏهن ان منصوبي تي ڪم شروع ٿيو ته ان وقت اليڪشن ڪميشن تقريبن 36 شرط ڏنا ته جيڪا مشين تيار ڪئي وڃي اها ان 36 شرطن تي پورو لهي، هن ٻڌايو ته انهن مشينن جي تياري ۾ انهن سڀني شرطن کي مڪمل ڪيو ويو.