اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڻي جي کوٽ ۽ وڏن شهرن ۾ ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر آه??. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائ??سن?? اٿارٽي جو چي??رمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سي اي او راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي عمران امين، وائيس چي??رمين ايل ڊي اي ايس ايم عمران ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا، اجلاس ۾ ٻنهي اهم منصوبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيفائر بي ۾ ترقياتي ڪم ايندڙ هفتي ڪنٽريڪٽ جاري ڪرڻ کانپوءِ جلد شروع ڪيو ويندو، انڊسٽريل زون جي حوالي سان منظوري جو عمل به جون ۾ مڪمل ٿي ويندو جنهن کانپوءِ انفرااسٽرڪچر جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويندو. راوي سٽي ۾ اقرا يونيورسٽي، يو ايم ٽي ۽ آءِ ايس سي پ??هن??ا ڪيمپسز قائم ڪنديون. اقرا يونيورسٽي پ??هن??ي ڪيمپس سان گڏوگڏ اسپتال جي تعمير ۾ به دلچسپي ظاهر ڪئي آه??، اجلاس کي راوي سٽي ۾ واسا جي ٽن واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي م??تقلي ۽ ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعما تي به بريفنگ ڏنيو ئي، شرڪت ڪندرن جڊيشل واٽر ڪميشن پاران انوائرنمنٽل پروٽيڪشن ايجنسي کي راوي سٽي م??صوبي لاءِ منظوري جي عمل کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايتن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو.