اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) نائيجر ۾ مقرر پاڪستان جي سفير احمد علي سروهي پاڪستان سان غيرمعمولي سهڪار جي اعتراف ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائپي وارا لاڳاپا وڌائڻ ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ هيومن رائيٽس آف نائيجر جي صدر پروفيسر خالد اخري کي لائيف ٽائم اچيومنٽ ايوارڊ سان نوازيو. تقريب ۾ ڪابينا جي ميمبرن، چونڊ??ل نمائندن ۽ معزز مهمانن شرڪت ڪئي. پاڪستان جي سفير ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ انساني حقن جي ڪميشن جي صدر جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن ٻڌايو ته لا??يف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پاڪستان سان سهڪار جو اعتراف آهي. پاڪستان ۽ نائيجر 1976ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. اهو رشتو وقت سان گڏ ڪاميابي سان مضبوط ٿيو ۽ هر گذرندڙ ڏينهن ۽ سال سان گڏ سگهارو ٿيندو ويو. ٻنهي ملڪن جي قيادت انهن لاڳاپن کي اڳتي وٺي وڃڻ لا??ِ پڪوپهه ڪيو. هن ان ڳالهه کي اجاڳر ڪيو ته مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ فرينڊز آف پاڪستان جن ۾ وزير، چونڊ??ل نمائندا، استاد، ??اڪ??ر، انجنيئر، واپاري ۽ شاگرد شامل آهن، انهن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ هڪٻئي سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو نقطو بڻيل آهن. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڏينهن جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ۽ انهن ماڻهن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو، جن جي اڻ ڳڻين ڪوششن ٻنهي ملڪن کي ويجهو آندو. سفير احمد علي سروهي عيدالاضحيٰ تي قرباني لا??ِ رضاڪاراڻا خدمتن تي رضاڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا، هن فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي ڪردار ادا ڪرڻ تي واکاڻ ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي انساني حقن جي ڪميشن جي صدر ۽ سمورن رضاڪارن پاڪستان جي حڪومت پاران خوبصورت ايوارڊز ڏيڻ تي پاڪستاني سفارتخاني جا ٿورا مڃيا. انهن ايوارڊز کي انهن جي ڪوششن جو نتيجو قرار ڏنو. هنن چيو ته هو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.