اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته هڪ طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آءِ پي سي سي رپورٽ ??ي ايندڙ 10 سالن ۾ گرمي پد شديد وڌڻ جي ريڊ وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان وڻڪاري مهم جي پاڻ قيا??ت ڪري رهي?? آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم گذريل ڏينهن لاهور اربن مياواڪي ۽ اڄ بلوچستان لسٻيله (مياڻي) مينگروز ۽ سڀاڻي لال سوهانرا بهاولپور ۾ ڊرون وڻڪاري ڪري رهي?? آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي تي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان عالمي اڳواڻ بڻجي اڀري?? آهي، عالمي ادارا به وزيراعظم عمران خان جي انهن ڪوششن جو اعتراف ڪري رهيا آهن.