اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي بنياد بڻائي ائين پروپئگنڊه ٿي رهي آهي جيئن اسان دنيا کان ڪنهن جدا سياري تي آهيون، جيڪڏهن دنيا ۾ تيل، گئس جون قيمتون مٿي وينديون ته پاڪستان ۾ قيمتون مٿي وينديون. پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سڄو ملڪ سبسڊي تي نه ٿو هلي سگهي، اڄ قيمتون مٿي آهن سڀاڻي گهٽ ٿي وينديون ته هتي به گهٽ ٿي وينديون. هن چيو ته هڪ قوم وانگر مشڪلاتن کي منهن ڏينداسين. وفاقي وزير چيو ته معاشي مشڪلاتون عارضي آهن، انڊسٽري، زراعت ۽ تعميرات جا شعبا تاريخي منافعو ڪمائي رهيا آهن. هن چيو ته پگهاردار طبقي جون مشڪلاتون آهن، پرائيويٽ سيڪٽر پن??نجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪري، آم??ني ۽ روزگار ۾ اضافو مهانگائي جو ٽوڙ آهي.