اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻ??ن جو خصوصي خيال رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي ذميداري آهي ته ان??ن جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪري ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪري، کين معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لاءِ تعليم ۽ ملازمتن ۾ ٻين شهرين جي برابر ۽ سازگار موقعا فراهم ڪيا وڃن، معذور ماڻهن کي مالي ??ور تي خودمختيار بڻائڻ ۽ پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ هنر ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، احساس پروگرام ۾ 4 لک خصوصي ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪيو وي?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻ??ن جي عالمي ڏين??ن جي حوالي ??ان ايوان صدر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جن??ن جو موضوع ڪورونا وائرس جي وبا کانپوءِ دنيا ۾ معذور ماڻ??ن جي شموليت، رسائي ۽ پائيداريت جي حوالي ??ان قيادت ۽ حصيداري هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خصوصي ٻارن جي حوالي ??ان اسان کي پنهنجي ذميدارين کي سمجهڻو پوندو، خصوصي ٻارن کي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، خصوصي ماڻ??ن جا چار قسم آهن، انهن ۾ ٻڌڻ، ڏسڻ، عام جسماني معذوري ۽ ذهني معذوري شامل آهن، ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ عام جسماني معذور ماڻهو ٻين شهرين جي برابر ذهين هوندا آهن، هن چيو ته خصوصي ماڻ??ن جي معاملن تي معاشري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، معاشري جي ذميداري آهي ته ان جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪري ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪري. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ 10 کان 12 سيڪڙو ماڻهو خصوصي هوندا آهن، هن چيو ته بازارن ۽ ع??امي هنڌن تي خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ ريمپ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هر جڳهه تي خصوصي ماڻهن لاءِ ريمپ بڻائڻ گهرجن، هاڻي هر عمارت ۾ ريمپ لازمي ٺاهڻا پوندا، اسلام آباد ۾ سي ڊي اي بازارن ۾ خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ ريمپ ٺاهيا آهن، صدر چيو ته جيڪي خصوصي ماڻهو تعليم حاصل نٿا ڪريس گهن انهن سکيا فراهم ڪئي پئي وڃي، استادن کي خصوصي ٻارن جي تعليم جي حوالي ??ان تربيت فراهم ڪرڻ گهرجي. خصوصي ٻارن کي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ کان نٿو روڪي سگهجي، هر اسڪول ۾ خصوصي ٻارن جي لاءِ استاد موجود هجڻ گهرجن، هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهو ريسٽورينٽ هلائي رهيا آهن، اين جي اوز خصوصي ماڻهن کي تربيت فراهم ڪري، هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي نوڪرين جا موقعا به فراهم ڪرڻ گهرجن. صدر چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ خصوصي قدم کنيا، بئنڪن ۾ خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ ريمپ ٺاهيا ويا آهن ۽ خصوصي ڪائونٽر به قائم ڪيا ويا آهن، هن چيو ته احساس پروگرام ۾ 4 لک خصوصي ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪيو وي?? آهي ۽ کين 2 هزار روپيا ماهوار وظيفو ڏنو پيو وڃي، معذور ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. هن چيو ته نئين آدم شماري سان معذور ماڻ??ن جا درست انگ اکر سامهون ايندا ۽ ان سان بهتر پاليسي سازي ۾ مدد ملندي. انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد خصوصي ماڻ??ن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين حقن جي فراهمي طرف دنيا ۽ حڪومتن جو ڌيان ڇڪرائڻ آهي، حڪومتن جي ذميداري آهي ته هو خصوصي ماڻهن کي برابر موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم ۽ قانون سازي ڪن، موجوده حڪومت خصوصي ماڻهن کي ان??ن جا حق ڏيڻ لاءِ قانوسازي ڪئي آهي، ان??ن جي لاءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا مختص آهي، جيڪي ادارا ان ڪوٽا تي عمل نه ڪري رهيا آهن ان??ن جي فهرست جوڙي ورتي آهي، خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا وڌايو وڃي،هن چيو ته انساني حقن واري وزارت خصوصي ماڻ??ن جي معلومات تائين پهچ ۽ سهولت لاءِ موبائيل ايپ جاري ڪئي آهي جن??ن جي ذريعي هو آن لائين درخواستون ڏئي سگهن ٿا، ون ونڊو آپريشن جي لاءِ چڪ شهزاد ۾ ون ونڊو آپريشن سينٽر قائم ڪيو وي?? آهي اسلام آباد جي سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ خصوصي ماڻ??ن جي تعليم جي حوالي ??ان تعليم واري وفاقي وزارت سان معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، خصوصي ماڻ??ن جي خلاف سائزبر ڪرائيم ۽ گهريلو تشدد جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، خصوصي ماڻهن کي عام شهرين جي برابر حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، سي بي ايم جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سيد محمد علي ??اهه چيو ته معاشري جي ذميداري آهي ته خصوصي ماڻ??ن جي سمورن شعبن ۾ برابر شرڪت يقيني بڻائي.