اس??ام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ منصو??ن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جو عزم اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪي مفاد ۾ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي عنصر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اربع تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصو??ن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، علي زيدي، حماد اظهر، وزيراعظم جو ناڻي ??ابت صلاحڪار شوڪت ترين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ جي باري ۾ وزيراعطم جو خاص مددگار خالد منصور ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور اجلاس ۾ سي پيڪ بابت منصو??ن تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران چيو ت?? سي پيڪ منصو??ن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، پاڪستان ۽ چين جي دوستي آزمايل ??هي?? حڪومت سي پيڪ منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ ۽ ان تي عملدرآمد کي انتهائي ترجيح ڏيندي ??هي?? هن چيو ت?? ملڪي مفاد جي وڌ کان وڌ حاصل لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل ضروري ??هي?? هن چيو ت?? حڪومت سي پيڪ معاهدن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي.