اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي انساني همدردي، ثقافت ۽ خانداني معاملن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل طا??ق علي بخيت او آءِ سي پاران مشڪل جي ان گهڙي ۾ اف??ان عوام جي ڀرپور مدد جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي و??يرن جي غير معمولي ڪانفرنس اف??انستان ۾ انساني بحران مان سرخرو ٿيڻ ۾ اهم ۽ ڪليدي ڪردار رکندڙ هوندي، ان ڏس ۾ او آءِ سي پرڏيهي و??يرن جي غير معمولي اجلاس ۾ تمام اهم ۽ جامع قرارداد منظو?? ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هو اسلامي تعاون تنظيم پاران اف??انستان جي موجوده صورتحال تي سعودي عرب جي او آءِ سي پرڏيهي و??يرن جي ڪانفرنس گهرائڻ جي قدمن جي آجيان ڪريون ??ا، هن پاڪستان پاران ان ڪانفرنس جي ميزباني ۽ بهترين انتظامن کي ساراهيندي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو، هن اميد ظاه?? ڪئي ته اها ڪانفرنس پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته ان ڪانفرنس جا ڪيترائي مقصد آهن ته ڪهڙي طرح او آءِ سي اف??انستان جي موجوده صورتحال ۽ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ڪهڙي طرح او آءِ سي اف??انستان ۾ انساني همدردي امداد لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي سگهي ٿي، اهو ڪانفرنس جو بنيادي مقصد آهي ۽ هي ڪانفرنس ان ڏس ۾ اهم ۽ جامع قرارداد منظور ڪندي، هن چيو ته ان ڪانفرنس ۾ ان انساني بحران جي حل لاءِ جامع ۽ ٺوس قدمن تي به غور ڪيو ويندو، هن چيو ته او آءِ سي ان کان اڳ ماضي ۾ به وزارتي ۽ سربراهي سطح تي اف??انستان جي صورتحال جي حوالي سان ڪيتريون ئي قراردادون ??نظور ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي اف??انستان ۾ انساني صورتحال جي حوالي سان جامع حڪمت عملي ۽ لائحه عمل جوڙڻ جي لاءِ هي ڪانفرنس طلب ڪئي و??ي آهي، ان ڪانفرنس ۾ ميمبرن ملڪن جي پرڏيهي و??يرن جي ڀرپور شرڪت ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته او آءِ سي اف??انستان جي ان نازڪ صورتحال جي حوالي سان گهڻي سنجيده ۽ پرعزم آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس اف??ان عوام جي مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ او آءِ سي ان ڏس ۾ سمورن ادارن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندي.