اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته روانگي واپار ۽ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آه??، مهانگائي جي عالمي لهر سان پوري دنيا وانگر پاڪستان به سخت متاثر ٿيو پر خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اڃا به پاڪستان تمام سستو ملڪ آه??، ڪنهن به حڪومت کي اسان جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻو نه پيو، ان جي باوجود مشڪلات مان نڪري آياسين، هيٺئين طبقي کي مٿي آڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??ون، سياحت، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آه??، صنعتڪارن ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ سهولتون ۽ آسانيون پيدا ڪنداسين ۽ ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ 14 هين انٽرنيسنل چيمبرز سمٽ جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪرپشن جي ڪري رنگ روڊ منصوبو دير جو شڪار ٿيو، ان جي الائنمينٽ غلط ڪئي وئي هئي. وزيراعظم چيو ته صنعتون لڳائڻ جي لاءِ سرڪاري زمين ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آه??، ملڪ ۾ انڊسٽريل زونز قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ۾ انڊسٽريل زونز ۾ سموريون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون پر هتي ماضي ۾ انڊسٽريل زونز ڊڪليئرڊ ته ڪيا ويا پر سهولتون فراهم نه ڪيون ويون. هاڻي آئون هر هفتي اجلاس منعقد ڪري اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سهولتن جي فراهمي جو جائزو وٺندس. وزيراعظم چيو ته رياست مدينه دنيا جي تاريخ جو سڀ ڪامياب ماڊل آه??، رياست مدينه جو مطلب ماڻهن جي زندگين ۾ مثبت انقلاب آه??، اسان رياست مدينه جي سنهري اصولن تي عمل پيرا ٿي پنهنجي زندگين ۾ بهتري آڻي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته دنيا جي تاريخ ۾جيڪو به معاشرو ڪامياب ٿيو آه?? اهو رياست مدينه جي اصولن کي اخ??يا?? ڪري ئي ڪامياب ٿيو آه??، رياست مدينه ۾ قانون جي حڪمراني، بالادستي ۽ انصاف هو، اسان جي جدوجده به ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ آه?? پر طاقتور مافيا نه چاهي ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ٿئي، منهنجي 22 سالا سياسي جدوجهد ڪرپشن جي خلاف آه??، آئون ڪرپشن جي خلاف جدوجهد کي جهاد سمجهان ٿو، ڪرپشن جي خلاف جنگ رڳو عمران خان نه سڄي معاشري کي وڙهڻي آه??. وزيراعظم چيو ته جڏهن ته حڪومت سنڀالي ته ملڪي معاشي حالتون انتهائي خراب هيون، اسان کان اڳ ڪنهن حڪومت کي ايتريون خراب حالتون ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻو نه پيو، جيڪڏهن دوست ملڪ پاڪستان جي مدد نه ڪن ها ته اسان ڊيفالٽ ڪري وڃون ها پر اسان ان مشڪل صورتحال مان نڪتاسين ۽ معيشت بهتري طرف گامزن ٿي پر پوءِ ڪورونا جهڙو صدي جو سڀ کان وڏ بحران اچي ويو، الله تعاليٰ اسان کي ان مان به ڪڍيو، ڪورونا وبا دوران معيشت سان گڏوگڏ شهرين جي جانين جو تحفظ به يقيني بڻائڻ، ٽن سالن دوران ملڪي معيشت کي مستحڪم ۽ ڪورونا چئلينج جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو جڏهن ته دنيا جا ٻيا ملڪ ان کي ب??تر طور تي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيا ۽ غلط فيصلا ??يا?? مون دٻاءُ جي باوجود مڪمل لاڪ ڊائون هڻڻ نه ڏنو، اڄ برطانيا به اسان جي پيروي ڪري رهيو آه??. وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري دنيا ۾ سپلاءِ لائين سخت متاثر ٿي ۽ مهانگائي جي عالمي لهر آئي جنهن سان پوري دنيا وانگر پاڪستان به سخت متاثر ٿيو، سپلاءِ لائين متاثر ٿيڻ سان گئس، پيٽروليم مصنوعات، پام آئل سميت سمورين شين جون قيمتون وڌي ويون، مون کي احساس آه?? ته ماڻهو تڪليف ۾ آه?? پر جيڪڏهن پاڪستان ۾ شين جي قيمتن جي ٻين ملڪن سان ڀيٽ ڪريون ته پاڪستان خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اڃا به سستو ملڪ آه??. وزيراعظم چيو ته عالمي مهانگائي جي لهر جي اثرن کان عوام کي بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آه??ون، افغانستان جي صورتحال سان به پاڪستان متاثر ٿيو پر اسان سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا جن جي ڪري هاڻي ملڪي روانگي واپار، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ اوڳاڙين ۾ نمايان اضافو ٿي رهيو آه??. وزيراعظم ٻڌايو ته 6 هزار ارب رپين جون رڪارڊ اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون، ملڪ جي 31 ارب ڊالر جو روانگي واپار تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آه??، 32 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو آه??. وزيراعظم چيو ته هڪ سال ۾ هدف کان 1300 ارب رپين جي اضافي ٽيڪس اوڳاڙي آه??. وزيراعظم چيو ته روانگي واپار ۽ ٽيڪس اوڳاڙي ۾ اضافو اولين ترجيح آه??، ملڪ ۾ صنعتي انقلاب اچڻ سان ئي خوشحالي ايندي، وڏي پئماني ي صنعتن جي ترقي جي شرح 15 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ڪارپوريٽ پرافٽس 230 ارب رپين جو آه??. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي روانگي واپار 70 سيڪڙو اضافي سان ساڍا 3 ارب ڊالر جي سطح تي آه??، ماضي ۾ ان شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو، هاڻي اسان ان تي ڪم ڪري رهيا آه??ون ڇو ته ان شعبي ۾ اسان جو مستقبل آه??. وزيراعظم چيو ته تعميرات ۽ زراعت جي شعبي جي ڪري اسان ڪورونا جي صورتحال جي باوجود محفوظ رهيا آه??ون، زرعي شعبي جي آمدني ۾ 1100 ارب رپين جو اضافو ٿيو آه??، ڳوٺن ۾ پئسو ويو آه?? جنهن جي ڪري موٽرسائيڪل ۽ گاڏين جي وڪري ۾ اضافو ٿيو آه??. وزيراعظم چيو ته حڪومت برآمدي صنعت جي لاءِ ??را??تن ۽ سهولتن تي ڌيان ڏيندي، ملڪ کي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کان بچائڻ جي لاءِ روانگي واپار وڌائڻو پوندو ۽ ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس ڏنو وڃي ٿو، اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته هڪومت ملڪ ۾ هيٺئين طبقي کي مٿي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا آه??، آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ به شهرين جي لاءِ هيلٿ انشورنس نه آه??، اسان جي حڪومت هر خاندان کي 10 لک رپين جي هيلٿ انشورنس ڏئي رهي آه?? جنهن جي ذريعي انهن کي علاج جون بهترين سهولتون ملنديون، احساس پروگرام تحت هيٺئين طبقي کي مٿي آڻڻ جي لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا ويا آه??، نوجوانن کي ب??ا وياج جي قرض ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ريٽيل مارڪيٽ ۾ ڊاڪيومينٽيشن ۽ ٽيڪس ڪليڪشن وڌائڻ جي ضرورت آه??، اسان آٽوميشن جو نظام آڻي رهيا آه??ون. وزيراعظم چيو ته سياهت، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آه?? جن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آه??، هي لاها چاڙها وقتي آه??، سپلائي چين معمول تي اچڻ کانپوءِ صورتحال بهتر ٿي ويندي ۽ پاڪستان بزنس ڪميونٽي جي مدد سان 60ع جي ڏهاڪي وانگر تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ بڻجي ويندو. واضح رهي ته راولپنڊي چيمبر اف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ان سمٽ ۾ ملڪ جي 54 کان وڌيڪ ريگيولير چيمبرز، 10 سمال چيمبرز ۽ 13 وومين چيمبرز جي صدرن کانسواءِ سياسي پارٽين، وزارتن، ترقياتي حصيدارن، سرڪاري ادارن ۽ عالمي ڪاروباري برادري جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آه?? جڏهن ته ان سمٽ سان نه رڳو ڪاروباري ماڻهن کي پنهنجي واپاري مسئلن جو حل ڳولڻ جو موقعو ملندو پر ملڪ ۾ ڪاروبار دوست واپاري پاليسي جي جوڙجڪ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين کي عملي تجويزون به ڏئي سگهبيون.