اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ونٽر اولمپڪس ۾ شريڪ پاڪستاني دستي جي آمد ??ي وز??راعظم عمران خان احترام ۾ پنهنجي سيٽ تي بيهي ٽيم ??اء?? تاڙيون وڄايون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته درجنين ٽيمون آيون پر اسٽيڊيم ۾ جڏهن چين کانپوءِ ڪنهن ٽيم ??اء?? تاڙيون وڄيون ته اها پاڪستان جي ٽيم هئي، عام چيني پاڪستان سان محبت ڪري ٿو ۽ اهي تاڙيون انهي جذبي جو اظهار آهن.