حيدرآباد – 04 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پشاور بم ڌماڪو ڳڻي ۽ مذمت جوڳو آهي، اسان شهيدن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي هر سازش ناڪام بڻائي ويندي، جيڪي به دهشتگردن جي مدد ڪري رهيا آهن انهن کي شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو، پوري قوم متحد آهي، ڪجهه عنصر ملڪ کي ترقي ڪندي، معاشي استحڪام ۽ پرامن نه ٿا ڏس?? چاهين، اهي غيريقيني واري صورتحال پيدا ڪر?? چاهين ٿا، سنڌ جي عوام تصوير جو ٻيو رخ به ڏ??ي ورتو آهي، پيپلزپارٽي جي فلم 5 ڀيرا لڳي چڪي آهي هاڻي عوام انهن کي نه ڏ??ندي، سنڌ مان ننڍي ۽ وڏي زرداري کي الوداع چوڻ جو وقت اچي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ حقوق مارچ جي ٽنڊو محمد خان پهچڻ تي مين روڊ تي هڪ وڏي استقبالي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن کي وفاقي وزير علي زيدي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته پشاور ۾ بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو، اهو دهشتگردي جو افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو واقعو آهي جنهن ۾ ٻاهريان هٿ ملوث آهن، اسان شهيدن ۽ زخمين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، قوم پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيندي، اسان فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت پوري قوم جي عزم، قرباني ۽ جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته جيڪي به دهشتگردن جي مدد ڪري رهيا آهن انهن کي شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو. پوري قوم متحد آهي. ڪجهه عنصر ملڪ کي ترقي ڪندي، معاشي استحڪام ۽ پرامن نه ٿا ڏس?? چاهين، اهي نه ٿا چاهين ته پاڪستان ۾ امن امان هجي هتي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿئي، انهن کي خبر آهي ته پاڪستان جي خراب حالت هئي جيڪا هاڻي معاشي ترقي طرف وڌي رهي آهي، ان لاءِ اهي غيريقيني واري صورتحال پيدا ڪر?? چاهين ٿا. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو عوام ۾ وڃي انهن کي ورغلائي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ غيريقيني جي مهم هلائي رهيا آهن، اهي مايوس عنصر قوم کي به پاڪستان جي مستقبل کان مايوس ڪر?? چاهين ٿا، اهي عوام جي مسئلن جو حل نه رڳو اقتدار ۽ احتساب کان بچ?? چاهين ٿا. هن چيو ته انهن جو مارچ سنڌ ۾ پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيو ته جلدي سنڌ مان نڪري ويا پر ڪالهه ملتان ۾ به عوام انهن جي استقبال لاءِ نه آئي. هن چيو ته اسان 26 فيبروري کان گهوٽڪي کان سنڌ حقوق مارچ کڻي نڪتا آهيون هر جڳهه تي عوام تبديلي ڏسي ورتي آهي گذريل رات بدين ۾ ۽ هاڻي ٽنڊو محمد خان ۾ عوام جي ميڙ کي مخاطب آهيان. هن چيو ته سنڌ جي عوام تصوير جو ٻيو رخ به ڏ??ي ورتو آهي، اڳ ۾ 15 سالن کان هڪ ئي تصوير ڏسي رهيا هئا هاڻي اها فلم نه هلندي، پيپلزپارٽي جي فلم کان ماڻهو بيزار ٿي ويا آهن، 5 ڀيرا انهن جي فلم لڳي آهي پر ناڪام ٿي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام 15 سالن کان هڪ ئي ڪهاڻي ٻڌي رهي آهي، انهن وٽ ڪو نئون منشور، پروگرام ۽ حڪمت عملي نه آهي. سنڌ حڪومت هر طرح سان ناڪام ٿي وئي آهي، هاڻي سنڌ مان ننڍي ۽ وڏي زرداري کي الوداع چوڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته آواز گهٽ هجي آهستي ڳالهايو وڃي پر صحيح ڳالهايو وڃي ته ان ۾ وڏو وزن هوندو آهي، هاڻي رڙيون ڪري عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو وقت ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ نئين ۽ باوقار قيادت اڳتي اچي رهي آهي، آئون سنڌين جا تيور ڏسي رهيو آهيان، اهي پنهنجي تقدير بدلائ?? چاهين ٿا ته تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏين، 2023ع جي چونڊن ۾ عوام تير کي ٽوڙي سنڌ کي جوڙي ڇڏيندي. هن چيو ته آئون توهان کان ووٽ وٺڻ نه زردارين کي الوداع چوڻ آيو آهيان.