اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، معاشري جي سمورن طبقن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ ??نڊسٽري (آر س?? سي آءِ) ۾ عورت?? جي عالمي ڏينه?? جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عورت?? جي حقن ۽ ??نه?? جي آزادي جي وڪالت ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستاني عورتون مختلف شعبن ۽ پيشن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيون آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ عورتن وڏي جدوجهد کانپوءِ ڪامياب مقام حاصل ڪيو آهي، عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيون آهن. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته حڪومت عورتن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، هن پنهنجي گهرن تي ئي ٻارن ۾ عورت?? جي احترام جي قدرن کي فروغ ڏي?? تي زور ڏنو ته جيئن هڪ مهذب معاشري کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي.