اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ اعتماد جوڳو دوست ۽ حصيدار جي حيثيت سان سريلنڪا سان پن??نجي لاڳاپن کي تمام گهڻي وڏي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه ه?? سريلنڪن بحريه جي ڪمانڊر وائس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ??زي??اعظم فيبروري 2021ع ۾ پن??نجي سريلنڪا جي دوري کي ياد ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي ٺوس ط??ر تي اپ گريڊ ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش کي ورجايو. ??زي??اعظم چيو ته سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون پاڪستان سريلنڪا لاڳاپن جو اهم جز ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو عنصر رهيو آهي. ??زي??اعظم وڌيڪ چيو ته ه?? سريلنڪن قيادت جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. سريلنڪا جي وائيس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن تي زور ڏنو ۽ عالمي ۽ علائقائي فورمن تي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.