اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته چورن جي ٽولي جو وڏي واڪي مطالبو هو ته ٻاهرين سازش جي حوالي سان خط پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ جڏهن خط پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ بريفنگ جي دعوت ڏني ته مير صادق ۽ مير جعفر ڀڄي ويا، قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرنامي کانپوءِ انهن ماڻهن لاءِ شرم جو مقام آه?? جيڪي پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ ٿيندڙ ٻاهرين سازش کي ڪوڙ چئي رهيا هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ ڪيو، مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر جو مير صادق ۽ مير جعفر وارو ڪردار قوم جي سامهون اچي ويو آه??، مخالف ڌر خط کي پارليامينٽ ۾ آڻن واري مطالبي تي به قائم نه رهي ۽ ڪميٽي جي سامهون جڏهن معاملو پيش ڪيو ويو ته اهي ڀڄي ويا ۽ انهن جي اها سازش بي نقاب ٿي وئي، مملڪتي وزير چيو ته ان سرڪس مان ص??ف واضح ٿي ويو آه?? ته اهي مليل آه??، هن چيو ته ٻاهرين سازش سان هارس ٽريڊنگ لاءِ 15 ارب روپيا اڇلايا ويا، هن چيو ته اسان به ائين ڪريون ها ته 172 کان به وڌيڪ ماڻهو اسان سان گڏ هجن ها. مملڪتي وزير ڪپتان ان ٻاهرين سازش جي خلاف ڄمي بيٺل آه??، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃان تائين پنج اوور باقي آه??، تمام جلد اهم فيصلا ٿيڻا آه??، بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي، قوم جو اعتماد وزيراعظم عمران خان سان گڏ آه??.