اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي، ته اسان جي خواهش هئي ته عمران خان ??زي??اعظم رهي، ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڏسندي عمران خان عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، موجوده سياسي صورتحال ۾ اهو بهتر فيصلو آهي، ته عوام وٽ وڃڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اسد عمر چيو ته جڏهن قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو، ته ڪجهه فيصلا ٿ??ا هئا. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ٿيو هو ته معاملو ايوان ۾ آندو وڃي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو هو. اها وڏي مذاق آهي جو رڳو شهباز شريف کي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت ٻڌايو ويو ?? ٻيو ڪنهن کي به نه. بلاول زرداري، شهباز شريف ?? ٻين سياسي پارٽين جي وڏن اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي هئي. اسد عمر چيو ته اسيمبلي ۾ جڏهن اسان وياسين بابر اعواڻ ٺهراءُ پيش ڪيو، ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس تي بريفنگ لاءِ بل آڻڻ جي اجازت ڏن?? وڃي. ڏيڍ سئو کان وڌيڪ اپ??زي??ن ميمبر به ايوان ۾ موجود هئا. ووٽنگ ٿي ته نعرا لڳايا ويا ته رڳو شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ?? ٻيو ڪنهن کي به ناهي ٻڌايو ويو. هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ووٽنگ ٿي پر اپ??زي??ن رد ڪري ڇڏيو. اپ??زي??ن ٻئي ڏينهن صبح جو ڇو مطالبو نه ڪيو ته اجلاس سڏايو وڃي؟ جنهن وقت اهو سوال سپريم ڪورٽ ۾ اٿاريو ويو تڏهن هو ڪٿي هئا؟ اپ??زي??ن قوم ۽ سپريم ڪورٽ کي آکاڻي ٻڌائڻ بند ڪري، کين ڪجهه به معلوم ناهي. اسد عمر چيو ته اسان جي خواهش هئي ته عمران خان ??زي??اعظم رهي. ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڏسندي عمران خان عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ موجوده صورتحال ۾ اهو ئي بهتر فيصلو آهي.