اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو ج?? معاشي حالت بهتر بڻائڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ?? معيشت جي موجوده صورتحال تي اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪستان معاشي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم معاشي ٽيم کي هنگامي بنيادن ت?? معيشت جي بهتري لاءِ سڌارن جي ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن هر صورت ۾ عام ماڻهو ج?? معاشي حالت بهتر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪي مجموع?? معاشي صورتحال جي بهتري سان گڏوگڏ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ناڻي واري وزارت پاران ملڪ?? معيشت جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم پريشان ڪندڙ معاشي انگن اکرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، ??فتاح اسماعيل، ??ريم اورنگزيب، زبير عمر، عائشه غوث پاشا، طارق محمود پاشا، بلال ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.