اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ا??ها?? راءِ جي آزادي تي ڪنهن قسم جي پابندي جي حق ۾ نه آهيون، هاڻي نه ڪو چئنل بند ٿيندو نه ئي ڪو پروگرام ۽ نه ئي ڪا اخبار بند ٿيندي، اسان ا??ها?? راءِ جي آزادي تي پُورو يقين رکون ٿا، فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ عملي ڪوششن جي ضرورت آهي، و??ير??عظم جي تازي سعودي عرب جي دوري جي حوالي سان به فيڪ نيوز هلائي وئي، و??ير??عظم جو سعودي عرب جو دورو ذاتي خرچ ٿي رهيو آهي، صرف 13 ميمبر و??ير??عظم جي وفد ۾ شامل آهن. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشر??ات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت سينيٽر فيصل جاويد ??ئي، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير کانسواءِ ڪميٽي جي ميمبرن ۽ اطلاعات واري وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي مريم اورنگزيب کي وفاقي وزير جو منصب سڀنالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي، اطلاعات واري وزارت جي عملدارن ”ڊجيٽل ريڊيو مائيگريشن“ پراجيڪٽ جي باري ۾ ڪميٽي کي تفصيلي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ادارن ۾ وقت سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي اڻٽر آهي، هن چيو ته ا??ها?? راءِ جي آزادي تي ڪنهن قسم جي پابندي جي حق ۾ نه آهيون، هاڻي نه ڪو چئنل بند ٿيندو نه ڪو پرورگرام ۽ نه ئي ڪا اخبار، اسان ا??ها?? راءِ جي آزادي تي پُورو يقين رکون ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي، و??ير??عظم شهباز شريف جي سعودي عرب جي دوري جي حوالي سان فيڪ نيوز هلائي وئي، هن ٻڌايو ته شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور به پنهنجي سمورن ٻاهرين دورن جا خرچ پاڻ برداشت ڪيا هئا، و??ير??عظم شهباز شريف جو اهو سعودي عرب جو دورو به ذاتي خرچ تي آهي، و??ير??عظم سان گڏ جيڪي ماڻهو ويندا اهي به ذاتي خرچ تي وڃي رهيا آهن. هن چيو ته جڏهن به ڪو و??ير??عظم ملڪ کان ٻاهر ويندو آهي ته پرڏيهي آفيس جهاز کي اسٽينڊ باءِ لاءِ خط لکندو آهي، اهو اڳوڻي و??ير??عظم عمران خان جي دور به ٿيندو رهيو آهي، وفاقي وزير چيو ته مون ڪالهه پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ به واضح ڪيو هو ته و??ير??عظم شهباز شريف جي سعودي عرب جي دوري تي ساڻس گڏ سڀ ماڻهو پنهنجي ذاتي خرچ تي ويندا، هن چيو ته و??ير??عظم جي سعودي عرب جي دوري ۾ وفد جي ميمبرن جو تعداد گذريل سمورن دورن جي مقابلي ۾ انتهائي گهٽ آهي، هن چيو ته و??ير??عظم جي وفد ۾ صرف 13 ميمبر شامل هوندا، ان کان اڳ ڪميٽي جي اجلاس ۾ مختلف ٽي وي چئنلز جي ٽرانسميشن بند ٿيڻ ۽ پيمرا پاران نوٽيسز جاري ڪرڻ جي حوالي سان معاملن تي پيمرا چيئرمين بريفنگ ڏني، پيمرا چيئرمين چيو ته پيمرا ڪنهن به چئنل کي بند ڪرڻ جون هدايتون جاري ناهن ڪيون، اي آر واءِ جي نشر??ات پي ٽي سي ايل سمارٽ ٽي وي تي بند ناهي ڪئي وئي، هن چيو ته جنهن ڏينهن خبر هلي ته پي ٽي سي ايل تي اي آر وائي جي نشر??ات بند آهي، انهي وقت پي ٽي سي ايل عملدارن سان رابطو ڪيو، هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اي آر وائي جي نشر??ات ڪنهن به جڳهه تي بند ناهي ڪئي وئي، اسان اي آر وائي انتظاميه کان انهن ڪيبل آپريٽرز جا نالا به پڇيا جنهن اي آر وائي جي نشرياب ڪئي پر اڃان تائين نشر??ات بند ٿيڻ جو ڪو به ثبوت پيش ناهي ڪيو ويو. پيمرا چيئرمين چيو ته اي آر وائي ثبوت فراهم ڪري، اسان ايڪشن وٺنداسين. هن چيو ته جنهن وقت نشر??ات بند ٿيڻ جو اطلاع مليو مون ان وقت چيڪ ڪيو، منهنجي گهر تي به اي آر واءِ جي نشر??ات ڪيبل تي اچي رهي هئي، چئنل جي نشر??ات هر جاءِ تي هلي رهي هئي، اسٽينڊنگ ڪميٽي اي آر واءِ انتظاميه کي هدايت ڪئي ته جن علائقن ۾ ان جي نشر??ات بند ٿي آهي، ان باري ۾ اهو رپورٽ جمع ڪرائي، جنهن تي پيمرا چيئرمين چيو ته جيڪڏهن اي آر واءِ رپورٽ فراهم ڪري ٿو ته نشر??ات بند ڪرڻ وارن ڪيبل آپريٽرز جي خلاف ايڪشن ورتو ويندو. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اطلاعات واري وزارت جي انٽرنل پبلسٽي ونگ (آءِ پي ونگ) جي اسٽرڪچر ۽ معاملن جي حوالي سان به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.