اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي ا??ن سپاهه جي عالمي ڏينهن تي پاڪستاني ا??ن دستن جي ڪوششن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عالمي ا??ن جو فخر جوڳو فرض نڀائيندڙ گڏيل قومن جي ا??ن دستن کي سلام پيش ڪريون ٿا، گڏيل قومن جي ا??ن ڪاررواين ۾ سڀ کان وڌيڪ 2 لک دستا فراهم ڪرڻ پاڪستان جي ا??ن دوستي ۽ امن پ??ندي جو اظهار آهي. گڏيل قومن جي ا??ن سپاهه جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستاني ا??ن سپاهه جي قربانين ۽ ڪوششن جو موجوده سيڪريٽري جنرل سميت گڏيل قومن جي اداري ۽ عالمي سطح تي اعتراف اعزاز آ??ي، 1960ع کان 2022ع تائين پ??ڪستاني ا??ن دستن ۾ شامل آفيسرن ۽ جوانن قابل فخر ۽ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته قوم جي فرزندن ۽ ڌيئرن سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ، انساني خدمت ۽ مثالي پيشيواراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم چيو ته امن ڪاررواين جي دوران پ??ڪستان جي 169 فزندن شهادت جو عظيم مرتبو ماڻيو، اسان شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي طرز عمل ۽ مشڪل ترين حالتن ۾ مثالي ڪارڪردگي جو اعتراف فخر جوڳو آ??ي، امن ڪاررواين جي لاءِ هٿياربند فوج، رينجرز، ايف سي ۽ پوليس جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.