اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو ??هي ته پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جو فرو?? حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪري رهي آهي ۽ روزگار جا موقعا ۽ صن??تن جي قيام کي يقيني بڻائي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ستاش گروپ جي بورڊ جي صدر محرم يلمز جي سربراهي ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، وزيراعظم چيو ??ه حڪومت گذريل چئن سالن ۾ سيڙپڪاري جي راهه ۾ آيل رڪاوٽن جو روڪٿام ڪري رهي آهي، هن چيو ??ه حڪومت ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ۽ صن??تن جي قيام کي يقيني بڻائي رهي آهي، ملاقات ۾ ستاش گروپ ترڪي پاران پاڪستان ۾ ڊيري سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ??هي، وزيراعظم لاڳاپيل پاڪستاني عملدارن کي ستاش گروپ سان ڀرپور تعاون جون هدايتون جاري ڪيون.